SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


National Socialism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • næʃənlsouʃəlizəm

From the Dictionary of Commerce & Banking:

National Socialism

قومي اشتراڪيت


From the Dictionary of International Relations:

National Socialism

نيشنل سوشلزم:

قومي سماجواد

قومپرست ۽ سوشلسٽ بُنيادن تي ٻڌل هيءُ هڪ انتهاپسند نظريو آهي، جنهن ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ نازي جرمنيءَ ۾ عروج ماڻيو. هيءُ نظريو جرمن نازي تصورن مان پيدا ٿيل ۽ اساسي سماج- وادي نظريي کان بلڪل مُختلف هو، جنهن طبقاتي ڪشمڪش (Class Struggle) واري خيال کي رد ڪندي قومپرستي، سرمايه داري، سامراجيت ۽ نسل پرستيءَ تي ٻڌل خيالن هيٺ، عالمي نظام ۾ جرمنيءَ کي ٻين طاقتن سان همسري ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. جرمنيءَ جو آمر ’ايڊالف هٽلر‘ هن نظريي جو باني ويندو آهي . جنهن پهرين عالمي جنگ کانپوءِ ٿيل ”ورسيلز معاهدي“ کي ختم ڪرڻ ۽ جرمنيءَ کي ٻيهر عظيم الشان سلطنت بڻائڻ واري خيال کي هٿي وٺرائي. هن نظريي جي ابتدا جرمني جي پورهيت جماعت ”جرمن ورڪرز پارٽيءَ“ سان ٿي، جيڪا مُختلف تبديلين منجهان گُذري ”نيشنل سوشلسٽ پارٽي“ (نازي پارٽي) جي روپ ۾ جرمن اقتدار تي قابض ٿي. اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 1933ع ۾ هن نظريي جرمن قوم کي آريائي نسل سان لاڳاپيندي، کين دُنيا تي حُڪومت ڪرڻ جو حقدار ۽ ٻين قومن کي سندن تابع رهڻ واري خيال جي وڪالت ڪئي. هيءُ نظريو رنگدار ۽ ڪاري نسل جي قومن کي حقير ڄاڻائيندي، خاص طور يهودين کان سخت نفرت جو درس ڏيندو هو. 1945ع ۾ هٽلر جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ، هن نظريي جو زور مُڪمل طور ٽٽي ويو. هونئن”قومي سماج واد“ وارو اصطلاح پهريون ڀيرو فرانسيسي دانشور Matric Barres استعمال ڪيو، جنهن ۾ انفراديت پسندي، ڪثرت پسندي، ماديت ۽ ڀون- واد کي ملايو ويو هو. هن نظريي جو بُنيادي مقصد سرمايه دار معيشيت جي بُنيادن تي، هڪ پارٽيءَ جي بالادستيءَ سان ترجيحي رياستي ڍانچو جوڙڻ هو.


Remember Me Also:

پرڻڻ

مصدر. [سن. اَرپڻ = پيش ڪرڻ] حوالي ڪرڻ ، سپرد ڪرڻ ، پاڻ کي حوالي ڪرڻ. ”ترڪو ڪريو تدبير کي، پرڻيو پاڻ خُدا“ گرهوڙي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal